هڱورجا جي ڳوٺ غلام اڪبر لاشاري ۾ ست ٻارڙا پر اسرار بيماري ۾ مبتلا هئڻ سبب هلڻ ڦرڻ کان لاچار آهن، وارثن علاج لاءِ سهائتا جي اپيل ڪئي

Hingora-Children-6-1-16

هڱورجا جي ڳوٺ غلام اڪبر لاشاري ۾ ست ٻارڙا پر اسرار بيماري ۾ مبتلا هئڻ سبب هلڻ ڦرڻ کان لاچار آهن، وارثن علاج لاءِ  سهائتا جي اپيل  ڪئي آهي.

ڳوٺ غلام اڪبر لاشاري ۾ 7 ورهين جو افضل علي لاشاري، ورهين جو عبدالصمد لاشاري، 10 ورهين جو اصغر علي سولنگي،4 ساله نينگري سنڌيا، اسد علي، ٻارڙي امتياز خاتون ۽ بابر علي پر اسرار بيماري ۾ مبتلا هئڻ سبب هلڻ ڦرڻ کان لاچار آهن.

وارثن جو چوڻ آهي سندن ٻارڙن جون ڄنگهون ٻانهون ڦري وڃڻ ڪري معزور ٿي ويا آهن، ڊاڪٽرز کين پوليو هئڻ جو شڪ ظاهر ڪيو آهي.

هنن وڌيڪ چيو ته غريب هئڻ ڪري هو ٻارڙن جو علاج نٿا ڪرائي سگهن، حڪومت ٻارڙن جي علاج لاءِ سندن مالي سهائتا ڪري……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*