ڪراچي جي جوڊيشل مئجسٽريٽ سينٽرل جي عدالت ماڻهن کي پئسا ٻيڻا ڪري ڏيڻ لاءِ 20 کان 25 ڪروڙ رپين جو فراڊ ڪندڙ جوابدار رشيد الله عرف ڊبل شاهه کي 20 جنوري تائين جيل اماڻي ڇڏيو

Double-Shah-6-1-16

ڪراچي جي جوڊيشل مئجسٽريٽ سينٽرل جي عدالت ماڻهن کي پئسا ٻيڻا ڪري ڏيڻ لاءِ  20  کان 25  ڪروڙ رپين جو فراڊ ڪندڙ جوابدار رشيد الله عرف ڊبل شاهه کي  20 جنوري تائين جيل اماڻي ڇڏيو  آهي

 عزيزآباد پوليس جوابدار رشيد الله عرف ڊبل شاهه کي گذريل ڏينهن ياسين آباد واري علائقي  مان گرفتار ڪيو هو، جنهن کي اڄ جوڊيشل مئجسٽريٽ سينٽرل جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

جاچ آفيسر غلام علي سيال عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار رشيد الله ۽ سندس ساٿي اميڪو انٽر نيشنل ٽريڊنگ جي نالي تي  ماڻهن کان پئسا وٺي فراڊ ڪندا هئا.

جاچ آفيسر عدالت کي  ٻڌايو ته  ڊبل شاهه جو گروپ 10 ڄڻن تي ٻڌل هو . جنهن ۾ 2 عورتون به شامل هيون ۽ ان گروپ جو سربراهه حاجي انيس هو.

جاچ آفيسر اهو به ٻڌايو ته جوابدار ۽ سندس 10 ساٿين خلاف عزيز آباد ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿيل  آهي ۽ جوابدار  جاچ دوران  ڏوهه جو به اعتراف ڪيو آهي.

اهڙي آگاهي بعد عدالت جوابدار کي 20 فيبروري تائين جيل موڪلي ڇڏيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*