پي آءِ اي جي نجڪاري ۽ پي آءِ اي جي 4 ملازمن گمشدگي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواستون داخل ڪرايون ويون

Sindh High CCourt

پي آءِ اي جي نجڪاري ۽ پي آءِ اي جي 4 ملازمن گمشدگي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواستون داخل ڪرايون ويون آهن.

پي آءِ اي جي نجڪاري خلاف مولوي اقبال حيدر پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي آهي، جنهن ۾ موقف اختيار  ڪيو ويو آهي ته وفاقي حڪومت پي آءِ اي منپسند ماڻهن کي وڪرو ڪرڻ چاهي ٿي.

درخواست ۾ اهو به موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته وفاقي حڪومت ۽ پي آءِ اي جي جوائنٽ ايڪشن کي هڪٻئي تي اعتماد نه آهي.

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته پي آءِ اي جي نجڪاري واري فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پي آءِ اي جي 4 ملازمن جي گمشدگي خلاف به درخواست داخل ڪرائي وئي آهي.

پيپلز يونٽي جي صدر محمد اسماعيل سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته پي آءِ اي جي احتجاج ڪندڙ 4 ملازمن هدايت الله، سيف الله، ضمير حسين ۽ منظور کي رينجرز گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*