ڪراچي جي ايئرپورٽ ٿاڻي تي پي آءِ اي جي ٻن ملازمن جو قتل ڪيس اڻڄاتل جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو,ايف آءِ آر ۾ قتل جي سازش بابت قلم 109 تحت وفاقي وزير پرويز رشيد، مشاهد الله، شجاعت عظيم ۽ رٽائرڊ برگيڊيئر آصف کي به نامزد ڪيو ويو

PIA-FIR-6-1-16

ڪراچي جي ايئرپورٽ ٿاڻي تي پي آءِ اي جي ٻن ملازمن جو قتل ڪيس اڻڄاتل جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو آهي،ايف آءِ آر ۾ قتل جي سازش بابت قلم 109 تحت وفاقي وزير پرويز رشيد، مشاهد الله، شجاعت عظيم ۽ رٽائرڊ برگيڊيئر آصف کي  به نامزد ڪيو ويو آهي.

پي آءِ اي جي جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي چيئرمين سهيل بلوچ جي فرياد تي ٻن ملازمن جي قتل جو ڪيس  اڻڄاتل جوابدارن خلاف داخل ڪيو  ويوآهي.

ٻن ملازمن جي قتل جي ايف آءِ آر ۾ قتل جي سازش بابت قلم 109 تحت وفاقي وزير پرويز رشيد، مشاهد الله، شجاعت عظيم ۽ رٽائرڊ برگيڊيئر آصف کي  به نامزد  ڪيو ويو آهي.

 ايس ايس پي ملير رائو انوار  جو چوڻ آهي ته ڪيس عدالتي حڪم تحت داخل ڪيو ويو آهي ۽ ان ۾ ڪنهن کي  به نامزد نه ڪيو ويو آهي.

ٻه ڏينهن اڳ ملير جي عدالت پوليس کي پي آءِ اي جي ٻن ملازمن جو قتل ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*