عزير بلوچ سان پيپلزپارٽي جو ڪوبه تعلق ناهي، صرف تصويرن جي بنياد تي ڪنهن سان واسطو نٿو جوڙي سگهجي، سڄي سنڌ ۾ دهشتگرد عنصر موجود آهن،سنڌ جي گهرو معاملن واري صوبائي وزير سهيل انور سيال

Sohail-Siyal-6-1-16

سنڌ جي گهرو معاملن واري صوبائي وزير سهيل انور سيال چيو آهي ته عزير بلوچ سان پيپلزپارٽي جو ڪوبه تعلق ناهي، صرف تصويرن جي بنياد تي ڪنهن سان واسطو نٿو جوڙي سگهجي، سڄي سنڌ ۾ دهشتگرد عنصر موجود آهن، جنهن کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي.

حيدرآباد ۾ گهرو وزير سهيل انور سيال جي صدات هيٺ امن امان بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ حيدرآباد، ميرپورخاص، نوابشاهه ۽ ٻين ضلعن جي پوليس عملدارن شرڪت ڪئي.

اجلاس دوران گهرو وزير سهيل انور سيال جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ هر هنڌ دهشتگرد عنصر موجود آهن ۽ هر  اسڪول حساس آهي، جنهن کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي.

گهرو وزير چيو ته حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ نوابشاهه ۾ ڪائونٽر ٽيريريزم يونٽ  قائم ڪيا ويندا، جنهن سان دهشتگردن خلاف ڪارروائي ۾ مدد ملندي.

سهيل انور سيال وڌيڪ چيو ته عزير بلوچ سان پيپلزپارٽي جو ڪو به واسطو ناهي، صرف تصويرن جي بنياد تي ڪنهن سان تعلق نٿو جوڙي سگهجي.

سهيل انور سيال جو وڌيڪ چوڻ هو ته آصف زرداري ڪنهن به معاملي ۾ ملوث ناهي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*