پشاور جي احتساب عدالت، پيسڪو جي اڳوڻي چيف پرويز اختر شاهه کي توهين عدالت ڪيس ۾ 6 مهينا قيد ۽ 10 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي

Court--Order-6-1-16

پشاور جي احتساب عدالت، پيسڪو جي اڳوڻي چيف پرويز اختر شاهه کي توهين عدالت ڪيس ۾ 6 مهينا قيد ۽ 10 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي.

پشاور جي احتساب عدالت جي جج عاصم امام پيسڪو جي اڳوڻي چيف پرويز اختر شاهه خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

پرويز اختر شاهه اختيارن جي ناجائز استعمال ۽ ڪرپشن ڪيس ۾ احتساب عدالت جي جج عاصم امام سان بدتميزي ڪئي هئي، جنهن تي عدالت کيس توهين عدالت جو نوٽيس موڪليو هو.

پرويز اختر شاهه جج سان بدتميزي ڪرڻ تي لکت ۾ معافي به جمع ڪرائي هئي، جنهن کي عدالت رد ڪري ڇڏيو هو.

عدالت اڄ توهين عدالت ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي پرويز اختر شاهه کي 6 مهينا قيد سان گڏ 10 لک رپيا ڏنڊ جي سزا به ٻڌائي.

پرويز اختر شاهه تي پيسڪو جي چيف جي حيثيت ۾ اداري ۾ ڪرپشن ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال جو الزام آهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*