وزيراعظم نواز شريف سڀاڻي سمورين پارلياماني پارٽيز جو اجلاس سڏائي ورتو

پشاور ۾ اسڪول  تي حملي کانپوءِ وزيراعظم نواز شريف ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف هنگامي بنيادن تي پشاور پهچي ويو، وزيراعظم جي صدارت هيٺ گورنر هائوس ۾ اجلاس جاري آهي، نواز شريف چيو آهي ته شهيد ٿيل سندس ٻارڙا هئا، هو  اسلام آباد ۾ نٿو ويهي سگهي.

پشاور سانحي جي خبر پوندي ئي وزيراعظم نواز شريف اسلام آباد مان پشاور پهچي ويو.

وزير اعظم اسڪول تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي فوري طور ڪارروائي ڪري يرغمالين کي آزاد ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

وزير اعظم اسلام آباد کان پشاور روانگي وقت چيو ته پشاور ۾ ٿيل حملي ۾ شهيد ٿيل سندس ٻارڙا هئا ان ڪري هو اسلام آباد ۾ نٿو ويهي سگهي.

پشاور پهچڻ بعد نواز شريف جي صدارت هيٺ گورنر هائوس ۾ اجلاس جاري آهي، جنهن ۾ اسڪول حملي جي مجموعي صورتحال تي غور ويچار ڪيو پيو وڃي.

وزيراعظم نواز شريف سڀاڻي سمورين پارلياماني پارٽيز جو اجلاس به سڏايو آهي.

آرمي چيف جنرل راحيل شريف به ڪوئيٽا جو دورو مخصتر ڪري هنگامي طور پشاور پهچي ويو، کيس فوجي آفيسرن طرفان اسڪول حملي بابت بريفنگ ڏني وئي.

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان به آرمي جي اسڪول تي حملي جي مذمت ڪندي پشاور پهچي ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*