نيب ڊاڪٽر عاصم خلاف جاچ مڪمل ڪري 5 الزامن تي ٻڌل ريفرنس منظوري لاءِ نيب چيئرمين ڏانهن اماڻي ڇڏيو

dr-asaim

نيب ڊاڪٽر عاصم خلاف جاچ مڪمل ڪري 5 الزامن تي ٻڌل ريفرنس منظوري لاءِ نيب چيئرمين ڏانهن اماڻي ڇڏيو آهي، ذريعن موجب ڊاڪٽر عاصم تي سرڪار جي پاليسي جي ابتڙ ڀاڻ جي ڪارخانن کي گيس جي سپلاءِ گهٽائڻ، ڪڪ بيڪ ڪميشن وٺڻ، ضياءُ الدين ٽرسٽ جو ناجائز استعمال، زمين تي قبضو ڪرڻ ۽ مني لانڊرنگ جا الزام لڳايا ويا آهن.

ذريعن موجب ڊاڪٽر عاصم کان جاچ مڪمل ٿيڻ بعد ريفرنس نيب چيئرمين ڏانهن اماڻيو ويو آهي، جنهن جي منظوري بعد ريفرنس احتساب عدالت ۾ داخل ڪرايو ويندو.

ڊاڪٽر عاصم تي ڀاڻ فيڪٽرين کي گئس فراهمي گهٽائي ڀاڻ جو بحران پيدا ڪرڻ ۽ حڪومتي سبسڊي ذريعي ٻاهران ڀاڻ گهرائي قومي ناڻي کي ساڍا 4 سئو ارب رپين جي نقصان پهچائڻ جو الزام آهي.

ڊاڪٽر عاصم تي ڪڪ بيڪ ڪميشن وٺڻ ۽ مني لانڊرنگ جو به الزام لڳايو ويو آهي.

ذريعن موجب ڊاڪٽر عاصم تي ضياءُ الدين ٽرسٽ جو ناجائز استعمال ۽ زمين تي قبضو ڪرڻ جو به الزام لڳايو ويو آهي.

ذريعن موجب

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*