وزيراعظم نواز شريف خيبرپختونخواهه جي گورنر سردار مهتاب عباسي جي استيعفيٰ منظور ڪري ورتي

Nawaz-Sharif-15-1

وزيراعظم نواز شريف، خيبرپختونخونخواهه جي گورنر سردار مهتاب عباسي جي عهدي تان استعيفيٰ منظور ڪري ورتي آهي، نئين گورنر لاءِ نواز ليگ سينيٽر اقبال ظفر جهڳڙا، صابر شاهه ۽ صلاح الدين تـِرمزي جي نالن تي غور ڪيو پيو وڃي.

 پـِي ايم هائوس اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف سان خيبرپختونخواهه جي گورنر سردار مهتاب عباسي ملاقات ڪئي.

ذريعن موجب، سردار مهتاب عباسي وزيراعظم نواز شريف کي لکت ۾ استعيفيٰ پيش ڪئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم پاران استعيفيٰ  ڏيڻ جو ڪارڻ معلوم ڪرڻ تي سردار مهتاب عباسي چيو ته هـُو پارلياماني سياست ۾ حصو وٺڻ چاهي ٿو ۽ 2018 واري اليڪشن ۾ سينيٽر جي چونڊ ۾ حصو وٺندو، ان ڪري سندس استيعفيٰ منظور ڪئي وڃي.

وزيراعظم نواز شريف، سردار مهتاب عباسي جي استعيفيٰ منظور ڪري ورتي آهي ۽ نئين گورنر جي نالن تي به غور شروع ڪري ڇڏيو آهي.

ذريعن موجب،خيبرپختونخواهه جي گورنر لاءِ سينيٽر اقبال ظفر جهڳڙا، پير صابر شاهه ۽ ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ صلاح الدين ترمزي جي نالن تي غور ڪيو پيو وڃي…………………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*