هڙتال بعد جدي مان مسافر کڻي پي آءِ اي جي اڏام پهريون ڀيرو ڪراچي پهتي، ان کان اڳ 2 اڏامون جدي مان مسافر کڻي اسلام آباد پهتيون

Pia

جدي مان مسافر کڻي پي آءِ اي جي اڏام پهريون ڀيرو ڪراچي پهتي، ان کان اڳ 2 اڏامون جدي مان مسافر کڻي اسلام آباد پهتيون، پي آءِ اي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ پي آءِ اي ملازمن هڙتال ختم ڪري ڇڏي آهي، جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي  جي سهيل بلوچ چيو آهي ته هڙتال ختم نه ڪئي آهي پر عمرو ڪري موٽندڙ 350 پانڌيئڙن کي سهولت ڏيڻ لاءِ عملو فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

پي آءِ اي ملازمن جو اداري جي نجڪاري واري فيصلي خلاف ملڪگير احتجاج جاري آهي، جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي عمري جي زائرين لاءِ عارضي سهولتون  ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اڄ پي آءِ اي جون وڌيڪ 3 اڏامون عمري جي زائرين کي کڻي اسلام آباد ۽ ڪراچي پهتيون آهن.

پي آءِ اي ملازمن جي احتجاج ۽ فلائيٽ آپريشن معطل هئڻ سبب اڄ ستين ڏينهن به ڏيهي توڙي پرڏيهي اڏامون منزل طرف روانيون نه ٿي سگهيون آهن.

جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي عمري جي زائرين لاءِ عارضي سهولتون  ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، سهيل بلوچ عمري جي زائرين لاءِ فضائي ميزباني جون هدايتون به جاري ڪري ڇڏيون آهن.

اڄ پي آءِ اي جون وڌيڪ 3 اڏامون عمري جي زائرين کي کڻي ڏيهه پهتيون آهن،جن مان 2 اڏامون اسلام آباد ۽ هڪ اڏام ڪراچي پهتي آهي.

پي آءِ اي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪراچي  هيڊ آفيس ۾ پي آءِ اي ملازمن هڙتال ختم ڪري ڇڏي آهي ۽ اهي  ڪم تي واپس اچي رهيا آهن.

پي آءِ اي ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڊيوٽي تي واپس ايندڙ ملازمن جي همت افزائي ڪئي پئي وڃي.

.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*