ڪراچي کانپوءِ راولپنڊي ۾ به پي آءِ اي ملازم ۽ پوليس آمهون سامهون

rawilpindi-PIA

راولپنڊي ۾ پوليس پي آءِ اي ملازمن کي مبينا طور ڪم ڪم کان روڪيندڙن خلاف ڪارروائي ڪري جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ شعيب يوسفزئي سميت 13 ڄڻن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو، ملازمن جي احتجاج بعد گرفتار ٿيلن کي آزاد ڪيو ويو.

راولپنڊي جي بينظير انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پوليس ڪارروائي ڪري جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ شعيب يوسفزئي سميت 13 ڄڻن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو، جنهن بعد مظاهرين پاران احتجاج ڪيو ويو.

ملازمن جي احتجاج بعد پوليس گرفتار ڪيل جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ شعيب يوسفزئي سميت 13 ئي ملازمن کي آزاد ڪري ڇڏيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته بينظير انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي 2 ڏينهن لاءِ قلم هڪ سئو 44 لاڳو ڪيو ويو آهي، جيڪو به ان جي ڀڃڪڙي ڪندو قانون حرڪت ۾ ايندو.

پوليس جو چوڻ آهي ته جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جو اڳواڻ  شعيب يوسفزئي ڊيوٽي ڪندڙ ملازمن کي ڪم کان روڪي رهيو آهي، ان ڪري کيس حراست ۾ ورتو ويو.

احتجاج ڪندڙ ملازمن جو چوڻ آهي ته پوليس معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي، ڪو به اڻوڻندڙ واقعو پيش آيو ته ان جي ذميوار انتظاميه هوندي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*