اسلام آباد جي عدالت عمران فاروق قتل ڪيس ۾ جوابدار معظم علي ۽ محسن علي جي وارثن سان ملاقات ڪرائڻ واري درخواست تي فيصلو محفوظ

islamahighicourt18-8

اسلام آباد جي عدالت، عمران فاروق قتل ڪيس ۾ ٻـِن جوابدارن محسن علي ۽ خالد شميم جي جـُڊيشل رمانڊ ۾ 10 فيبروري تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي، ايندڙ ٻڌڻي تي ٽنهي جوابدارن جي ڪيس جي ٻڌڻي گڏيل طور تي هلائي ويندي.

اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ڪوثر عباس زيدي، ڊاڪٽر عمران فاروق قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻيءَ دوران جوابدار خالد شميم ۽ محسن علي سيد جي وڪيلن پاران وارثن سان ملاقات ڪرائڻ بابت درخواست ڏني وئي، جنهن تي عدالت فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

عدالت، جوابدار خالد شميم ۽ محسن علي سيد جـَي جڊيشل رمانڊ ۾ 10 فيبروري تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي.

عدالت، ايندڙ ٻڌني کان ٽئين جوابدار معظم علي جو ڪيس به محسن علي سيد ۽ خالد شميم سان گڏائي ٻڌڻ جو فيصلو ڪندي ڪارروائي 10 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي……… ..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*