لاڙڪاڻي مان پراسرار نموني گم ٿي ويل ٽَي ٻارڙا ڪراچي ريلوي پوليس کي هٿ اچڻ بعد واپس پنهنجي گهرن ۾ پهچي ويا

larkana-child

لاڙڪاڻي مان پراسرار نموني گم ٿي ويل ٽَي ٻارڙا ڪراچي ريلوي پوليس کي هٿ اچڻ بعد واپس پنهنجي گهرن ۾ پهچي ويا.

2 ڏينهن اڳ شهر جي نظر پاڙي مان 13 ورهين جو عبدال ميراڻي، 11 ورهين جو آڪاش ۽ 9 ورهين جو اشفاق پراسرار نموني گم ٿي ويا هئا.

ٻارڙا ڪراچي ۾ ريلوي پوليس کي هٿ اچڻ کانپوءِ کين لاڙڪاڻي پهچائي وارثن سان ملايو ويو.

ٻارڙن جو چوڻ آهي ته هــُو لاڙڪاڻي  مان ٽرين ۾ چڙهي ويٺا، جنهن ذريعي هــُو ڪراچي ريلوي اسٽيشن تي پهتا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*