آمريڪا جي ٽيڪساس رياست ۾ گالا فيسٽيول دوران گاجي کهاوڙ واسي اٺين ڪلاس جي شاگرد ارتضي لاشاري پاڪستان جي نمائندگي ڪندي پرفارم ڪيو

sindh-student-in-USA

آمريڪا جي ٽيڪساس رياست ۾ گالا فيسٽيول دوران  گاجي کهاوڙ واسي اٺين ڪلاس جي شاگرد ارتضي لاشاري پاڪستان جي نمائندگي ڪندي پرفارم ڪيو، جنهن کي تمام گهڻو ساراهيو ويو .

ڪراچي جي گلستان جوهر جي پاڪ -ترڪ اسڪول ۾ پڙهندڙ گاجي کهاوڙ واسي ارتضي پٽ غلام مرتضي لاشاري ٽيڪساس جي هوسٽن شهر ۾ منعقد ٿيل 14هين سائوٿ ويسٽ گالا فيسٽيول دوران گانو ڳايو، جنهن کي پروگرام ۾ موجود استادن ، شاگردن ۽ ٻين مهمانن پاران تمام گهڻپ پسند ڪيو ويو.

ارتضي لاشاري انٽر نيشنل فيسٽيول آف لينگيوئيج اينڊ ڪلچرل جي ميزباني هيٺ ٿيل فيسٽيول دوران پاڪستان جي نمائندگي ڪئي.

آمريڪي رياست ٽيڪساس ۾ پرفارم ڪندڙ ارتضي لاشاري ناليواري شاعر تاجل بيوس جو ڏوهٽو ۽ مرحوم سينيئر صحافي فقير محمد لاشاري جو ڀائيٽو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*