راولپنڊي جي ايئرپورٽ ٿاڻي پي آءِ اي جوائنٽ ايڪش ڪميٽي جي 4 ملازمن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

rawilpindi-PIA

راولپنڊي جي ايئرپورٽ ٿاڻي پي آءِ اي جوائنٽ ايڪش ڪميٽي جي 4 ملازمن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ملازمن تي فلائيٽ آپريشن شروع ڪرڻ تي ملازمن کي ڌمڪيون ڏيڻ جو الزام آهي، جڏهن ته 13 ملازمن قلم هڪ سئو 44 جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي نظر بند ڪيو ويو آهي.

سرڪاري فرياد تي راولپنڊي جي ايئرپورٽ ٿاڻي تي پي آءِ اي جي 4 ملازمن خلاف 25 ڊِي ٽيليگراف ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو، ملازمن ۾ رمضان لغاري، سليم ڀٽي، سهيل مختيار ۽ طارق ڊار کي نامزد ڪيو ويو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته چئني ملازمن تي فلائيٽ آپريشن شروع ڪندڙ پي آءِ اي ملازمن کي ڌمڪيون ڏيڻ ۽ سرڪاري ڪم ۾ مداخلت جو الزام آهي.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن راولپنڊي جي بينظير انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ڊيوٽي تي آيل ملازمن کي ڌمڪيون ڏيڻ تي پي آءِ اي جوائنٽ ڪميٽي جي اڳواڻ شعيب يوسفزئي کي حراست ۾ ورتو ويو هو، جنهن بعد ملازمن جي احتجاج بعد کيس ڇڏيو ويو.

هوڏانهن پي آءِ اي جي 13 ملازمن کي قلم هڪ سئو 44 جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي ڊي سي راولپنڊي جي حڪم بعد نظر بند ڪيو ويو آهي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*