مٺي جي سول اسپتال ۾ 2 ڏينهن اڳ ٻار کي جنم ڏيندڙ هڪ عورت دم ڏئي ڇڏيو

thar-child-death

مٺي جي سول اسپتال ۾ 2 ڏينهن اڳ ٻار کي جنم ڏيندڙ هڪ عورت دم ڏئي ڇڏيو، ٻارڙي جي حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي پئي وڃي.

سول اسپتال مٺي ۾ ڳوٺ عالم سر جي رهواسي ڀارو ڀيل جي 20 ورهين جي زال هريان 2 ڏينهن اڳ هڪ ٻارڙي کي جنم ڏنو هو.

ويم بعد ناري جي حالت خراب ٿي وئي ۽ اڄ هن دم ڏئي ڇڏيو.

ڊاڪٽرز موجب غذائيت جي کوٽ سبب ناري اڳ ئي ڪمزور هئي، ويم کانپوءِ سندس حالت خراب ٿي وئي.

ڊاڪٽرز موجب 2 ڏينهن ڄاول سندس پٽ جي حالت خطري کان ٻاهر آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*