نصيرآباد ۾ حد دخلين خلاف آپريشن

nasirabad-had-dakhlion

نصيرآباد ۾ حد دخلين خلاف آپريشن دوران ٿاڻي اڳيان ڊاٿل دڪَن جون سرون نه کڻڻ تان پوليس جي تشدد خلاف ملازمن مهم بند ڪري اي سِي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو آهي.

اسسٽنٽ ڪمشنر نعمان ۽ ٽائون آفيسر عزيز احمد جي اڳواڻيءَ ۾سينيٽري عملي مين بازار ۾ ارٿر برانچ کان ٿاڻي تائين دڪانن اڳيان وڌيل ڇپرا ۽ دڪا ڊاهي پٽ ڪيا ويا، جنهن دوران ملازمن ۽ شهرين وچ ۾ چڪريون پڻ ٿينديون رهيون.

ٿاڻي اڳيان ڊاٿل دِڪن جون سرون نه کڻڻ تان پوليس ملازمن تي ڪڙڪي پئي ۽ لٺبازي ڪري ڏني، جنهن خلاف عملي آپريشن بند ڪري اي سِي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو آهي.

ٻئي طرف شهرين جو چوڻ آهي ته انتظاميا حد دخليون ختم ڪرڻ لاءِ ڪي به نوٽيس نه ڏنا ۽ نه ئي ڪا مهلت ڏني وئي، جنهن سبب سندن وڏو نقصان ٿيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*