عزير بلوچ جي وڪيل سيفي علي خان ڌمڪيون ملڻ خلاف ڪراچي جي جوڊيشل مئجسٽريٽ وٽ بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو

uzar-baloch

عزير بلوچ جي وڪيل سيفي علي خان ڌمڪيون ملڻ خلاف ڪراچي جي جوڊيشل مئجسٽريٽ وٽ بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو آهي.

عزير بلوچ جي وڪيل  سيفي  علي خان بيان رڪارڊ ڪرائيندي چيو ته  پ پ جا وڪيل ۽ قاضي بشير کيس ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.

سيفي علي خان چيو ته جيڪڏهن کيس  ڪو به نقصان پهتو ته سندس بيان کي ايف آءِ آر سمجهيو وڃي.

عزير بلوچ جي وڪيل سيفي علي خان ڪالهه عزير بلوچ جي گهر واري سان گڏ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿي، عزير سان گهر ڀاتين جي ملاقات ڪرائڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*