جنگ سان متاثر علائقن ۽ ماڻهن جي بحالي واري ڏکي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪا آهيون: آرمي چيف جنرل راحيل شريف

army-cheif

 آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو آهي ته دهشتگردن کي انهن جي ٿاڪن مان ڪڍي حڪومت جي رٽ بحال ڪرائي آهي، جنگ سان متاثر علائقن ۽ ماڻهن جي بحالي واري ڏکي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪا آهيون، قبائلي عوام سان گڏجي ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويندو ته دهشتگرد ۽ انهن جا سهولتڪار واپس نه اچي سگهن.

آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب، آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي صدارت هيٺ ڪور هيڊڪوارٽر پشاور ۾ خصوصي اپيڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ خيبرپختونخواهه جي گورنر سردار مهتاب عباسي، وڏي وزير پرويز خٽڪ، ڪور ڪمانڊر پشاور ليفٽيننٽ جنرل هدايت الله ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ خيبرپختونخواهه ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال، آپريشن ضرب عضب ۾ ٿيل اڳڀرائي وارن معاملن تي غور ڪيو ويو، جڏهن ته آءِ ڊي پيز جي ٻيهر واپسي ۽ بحالي وارن معاملن تي به تفصيلي سان ويچاريو ويو.

ان موقعي تي آرمي چيف جنرل راحيل شريف دهشتگردي خلاف جنگ ۾ قرباني ڏيندڙ ۽ لڏپلاڻ ڪيل ويل آءِ ڊي پيز جي ڪردار جي تعريف ڪندي چيو ته قبائلي ڀائرن سان ڪيل واعدا پورا ڪيا ويندا.

آرمي چيف چيو ته آءِ ڊي پيز کي ڏنل وقت ۽ با عزت طريقي سان سندن گهرن ۾ آباد ڪيو ويندو، قبائلي ڀائرن سان معاشي ۽ انفرا اسٽرڪچر جي بحالي جو واعدو به پورو ڪيو ويندو.

آرمي چيف چيو ته جنگ سان متاثر گهرن جي تعمير ۽ آءِ ڊي پيز جي بحالي ڪئي پئي وڃي، عوامي ضرورتن ۽ خواهشن تي ڌيان ڏيارڻ وارو انتظامي سسٽم به بڻايو پيو وڃي، متاثرن جي بحالي ۾ پيش ايندڙ سموريون رنڊڪون ختم ڪري قبائلي علائقن ۾ جاري منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪيو ويندو.

پاڪ فوج جي سربراهه چيو ته دهشتگردن کي انهن جي  ٿاڪن مان ڪڍي حڪومت جي رٽ بحال ڪرائي آهي، قبائلي ڀائرن سان گڏجي ان ڳالهه کي يقين بڻايو ويندو ته دهشتگرد ۽ انهن جا سهولتڪار ٻيهر واپس نه اچي سگهن.

جنرل راحيل شريف جو چوڻ هو ته فاٽا ۽ ڪي پي ڪي جي عوام دهشتگردن کي تـَڙَي معاشري ۾ اڪيلو ڪري ڇڏيو آهي، فاٽا ۽ خيبرپختونخواهه عوام جي اهڙي قدم کي ساراهڻ گهرجي.

آءِ ايس پي آر  موجب، اجلاس دوران آرمي چيف جنرل راحيل شريف خيبرپختونخواهه جي گورنر ۽ وڏي وزير پرويز خٽڪ پاران پاڪ فوج جي دلي حمايت جي تعريف ڪئي.

خيبرپختونخواهه جي گورنر ۽ وڏي وزير چيو ته فاٽا ۽ خيبرپختونخواهه کي دهشتگردي کان پاڪ ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي، پاڪ فوج جي حمايت جاري رکي ويندي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*