چڙ ڏياريندڙ تقرير وارن ڪيسن ۾ ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف حسين سميت 23 اڳواڻن جا ٻيهر ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري

atc11-9

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت  چڙ ڏياريندڙ تقرير وارن ٽن ڪيسن ۾ ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف حسين سميت 23 اڳواڻن جا ٻيهر ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن، ساڳين ڪيسن ۾ وسيم اختر ۽ رئوف صديقي ضمانت تي آهي.

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين، فاروق ستار، خواجه اظهار، نسرين جليل، ريحان هاشمي ۽ ٻين اڳواڻن خلاف ڪراچي جي سپر هاءِ وي سائيٽ ٿاڻي تي داخل ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي.

عدالت جاچ آفيسر جي آگاهي بعد ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف حسين سميت 23 اڳواڻن جا ٻيهر ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن،  جڏهن ته ساڳين ڪيسن ۾ وسيم اختر ۽ رئوف صديقي ضمانت تي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*