امريڪي صدر براڪ اوبامه ۽ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي سميت ٻين عالمي اڳواڻن پشاور سانحي جي مذمت ڪري ڇڏي

ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي، آمريڪي صدر براڪ اوباما ۽ برطانوي وزيراعظم ڊيوڊ ڪيمرون ۽ چيني وزيراعظم سميت ٻين عالمي اڳواڻن پشاور سانحي جي مذمت ڪندي حملو وحشياڻي ڪارروائي قرار ڏنو آهي، ترڪ وزيراعظم احمد دائود اوگلـُو ملڪ ۾ هڪ ڏينهن سوڳ ۽ قومي جهنڊو نِوائڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته هـُو ڏک جي گهڙيءَ ۾ پاڪستاني عوام سان گڏ آهي.

سماجي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي پنهنجي پيغام ۾ ڀارتي وزيراعظم چيو ته هو پشاور ۾ اسڪول تي ٿيل بزدلاڻي ڪارروائي جي سخت مذمت ڪري ٿو.

نريندر مودي چيو ته پشاور سانحي ۾ انساني جانين جي ضايع ٿيڻ تي کيس تمام گهڻو ڏک پهتو آهي، هو ان ڏک ۾ متاثرن سان برابر جا شريڪ آهن.

ڀارتي وزيراعظم چيو ته پشاور ۾ اسڪول تي ٿيل حملو بيان نه ٿيڻ جوڳي ۽ وحشياڻي ڪارروائي آهي، جنهن ۾ معصوم شاگردن کان حياتيون کسيون ويون آهن.

نريندر مودي پشاور سانحي تي ڀارت جي سمورن اسڪولن ۾ 2 منٽ خاموشي اختيار ڪرڻ جي اپيل ڪئي.

آمريڪي صدر براڪ اوباما وائيٽ هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ پشاور سانحي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي.

براڪ اوباما چيو ته آمريڪا پشاور سانحي تي پاڪستاني ۽ متاثر ڪٽنبن سان ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي.

آمريڪي صدر براڪ اوباما چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ آمريڪا پاڪستان جي مدد لاءِ پر عزم آهي ۽ هو خطي ۾ امن جي قيام وارين ڪوششن ۾ پاڪستان سان گڏ آهن.

برطانوي وزيراعظم ڊيوڊ ڪيمرون پشاور واقعي کي خوفناڪ حملو قرار ڏيندي مذمت ڪئي آهي ۽ چيو ته ڪيڏي نه خوفناڪ ڳالهه آهي جو ٻارن کي رڳو اسڪول وڃڻ تان دهشتگردي جو نشانو بڻايو پيو وڃي.

گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون پشاور واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته گڏيل قومن وارو ادارو دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي مدد جاري رکندو.

چين جي سفارتخاني به بيان جاري ڪندي پشاور سانحي جي مذمت ڪئي ۽ متاثر ڪٽنبن سان ڏک جو اظهار ڪيو.

ڀارتي گهرو وزير راج ناٿ سنگهه پشاور سانحي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته غير انساني حملي دهشتگردي جو اصل چهرو وائکو ڪري ڇڏيو آهي.

پاڪستان ۾ مقرر آمريڪي سفير رچرڊ اولسن اسلام آباد ۾ ڳالهائيندي پشاور سانحي جي مذمت ڪندي چيو ته، دنيا ۾ تمام گهٽ ماڻهو ايترو دهشتگردي جو شڪار ٿي رهيا آهن، جيترو پاڪستان جو عوام نشانو بڻجي رهيو آهي.

ترڪ وزيراعظم احمد دائود اوگلـُو پشاور سانحي تي ڏک جو اظهار ڪندي ملڪ ۾ هڪ ڏينهن سوڳ ملهائڻ ۽ قومي جهنڊو نِوائڻ جو اعلان ڪيو.

ملڪي راڄڌاني انقره ۾ هڪ نيوز ڪانفرنس ڪندي ترڪ وزيراعظم چيو ته هـُو ترڪ عوام طرفان پنهنجي برادر ۽ دوست ملڪ پاڪستان سان تعزيت ڪري ٿو ۽ دهشتگرد ڪارروائيءَ جي سختيءَ سان مذمت ڪري ٿو.

هن چيو ته ترڪ صدر سان مشوري کانپوءِ هـُنن پاڪستاني عوام سان ٻڌيءَ جي اظهار طور اڄ ملڪ ۾ سوڳ ملهائڻ ۽ قومي جهنڊو نوِيل رهڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ترڪ وزيراعظم احمد دائود اوگلُو چيو ته پشاور سانحي ۾ معصوم شاگردن ۽ استادن جون قيمتي حياتيون ضايع ٿيون.

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*