ڪراچي جي احتساب نيب جي درخواست رد ڪري ڇڏي، ڊاڪٽر عاصم کي 22 فيبروري تائين جيل موڪلي ڇڏيو

dr-asim-17-12-15

ڪراچي جي احتساب عدالت مني لانڊرنگ، زمينن تي قبضن ۽ ضياءُالدين ٽرسٽ جي غلط استعمال سميت ٻين الزامن جي جاچ لاءِ  ڊاڪٽر عاصم جو وڌيڪ رمانڊ ڏيڻ بابت  نيب جي درخواست رد ڪندي ڊاڪٽر عاصم کي 22 فيبروري تائين جيل موڪلي ڇڏيو آهي، جڏهن ته ڊاڪٽر عاصم ضمانت لاءِ احتساب عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي.

نيب ڊاڪٽر عاصم جو وڌيڪ رمانڊ حاصل ڪرڻ لاءِ کيس ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ، جنهن دوران جاچ آفيسر عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪئي.

جاچ آفيسر عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪندي چيو ته ڊاڪٽر عاصم کان پڇا ڳاڇا  بابت ريفرنس منظوري لاءِ نيب چيئرمين ڏانهن موڪليو ويو آهي.

جاچ آفيسر عدالت کي ڊاڪٽر عاصم جو 23 فيبروري تائين وڌيڪ رمانڊ ڏيڻ جي استدعا ڪندي چيو ڊاڪٽر عاصم سان گڏ ڪيس ۾ نامزد چئن جوابدارن عبدالحميد، سيد اطهر، مسعود حيدر ۽ صفدر کي گرفتار ڪرڻو آهي.

جاچ آفيسر پاران پيش ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڊاڪٽر عاصم کان سندس اڪائونٽ ذريعي رقم پرڏيهه منتقل ڪرڻ بابت پڇا ڳاڇا ڪئي وئي پر هن تسلي بخش جواب ناهي ڏنو ۽ ڪجهه دستاويز ڏيڻ لاءِ مهلت گهري آهي.

رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ڊاڪٽر عاصم جا برطانوي شهري ساجد بشير سان ڪاروبار ۾ ڀائيواري بابت اطلاع آهن ۽ ان بابت ڊاڪٽر عاصم پاران انڪار ڪرڻ کانپوءِ مختلف ذريعن کان جاچ ڪئي پئي وڃي.

عدالت کي اهو به آگاهه ڪيو ويو ته ٻن وفاقي سيڪريٽريز اعجاز چوڌري ۽ وقار مسعود کي طلب ڪري سندن بيان رڪارڊ ڪيا ويا آهن.

احتساب عدالت ڊاڪٽر عاصم جو وڌيڪ رمانڊ ڏيڻ بابت  نيب جي درخواست رد ڪندي ڊاڪٽر عاصم کي 22 فيبروري تائين جيل موڪلي ڇڏيو آهي، عدالت نيب کي ڊاڪٽر عاصم خلاف ايندڙ ٻڌڻي تي ريفرنس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

ڊاڪٽر عاصم ضمانت لاءِ احتساب عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته هو 29 نومبر 2015 کان نيب جي حراست ۾ آهي ، سندس خلاف ڪوبه الزام يا ڏوهه ثابت نه ٿيو آهي ان ڪري سندس ضمانت منظور ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*