ميرپورخاص ويجهو شاخ مٿان ٺهيل موري ڊاهڻ خلاف ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

Mirpur-Khas-map

ميرپورخاص ويجهو شاخ مٿان ٺهيل موري ڊاهڻ خلاف ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

نازڪ آباد ڀرسان شاخ مٿان ٺهيل  موري ڊاهڻ خلاف ڳوٺاڻن واحد بخش مريءَ جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نوابشاهه روڊ تي ڌرڻو هنيو.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته ٺيڪيدار روڊ جي نئين سر تعمير جو جواز ڄاڻائي شاخ مٿان ٺهيل پڪِي موري ڊهرائي ڇڏي، روڊ جو مرمتي ڪم ته ڪرايو ويو پر هاڻي شاخ جي موري نٿي ٺهرائي ڏني وڃي.

هنن چيو ته شاخ کي موري نه هئڻ سبب ٻنهي پاسن کان رهندڙ ماڻهن کي اچ وڃ ۾ سخت مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن، جنهن جو نوٽيس وٺي جلد ٺهرائي پريشانين مان بچايو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*