وزيراعظم نواز شريف پشاور سانحي تي ملڪ ۾ 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪندي اڄ پشاور ۾ اهم اجلاس سڏائي ورتو

وزيراعظم ميان نواز شريف پشاور سانحي تي ملڪ ۾ 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪندي اڄ پشاور ۾ سمورين پارلياماني پارٽيز جو اجلاس سڏائي ورتو، جنهن ۾ پي ٽي آءِ  جو سربراهه عمران خان به شرڪت ڪندو.

وزيراعظم جي اعلان موجب ملڪ ۾ 3 ڏينهن پشاور سانحي تي سوڳ ملهايو ويندو، جنهن دوران قومي جهنڊو نِوِيل رهندو.

نواز شريف پشاور ۾ اڄ پارلياماني پارٽيز جو به اجلاس سڏايو آهي، جنهن ۾ سمورين سياسي ڌرين جا اڳواڻ شرڪت ڪندا.

وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان به شرڪت ڪندو.

تحريڪ انصاف جي ترجمان طرفان عمران خان جي شرڪت جي تصديق ڪئي وئي آهي.

پارلياماني پارٽيز جي اجلاس دوران پشاور سانحي ۽ دهشتگردن خلاف جاري آپريشن بابت ويچاريو ويندو.

اجلاس دوران اهو عزم ورجايو ويندو ته دهشتگردي خلاف سموري قوم گڏ آهي ۽ ملڪ کي دهشتگردي جهڙي ناسور کان ڇوٽڪارو ڏياريو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*