عالمي بينڪ جي صدر جيم زونگ جي وزيراعظم نوازشريف سان ملاقات

nawaz

 وزيراعظم نواز شريف سان عالمي بينڪ جي صدر جيم زونگ ڪـِم ملاقات ڪري معيشت جي بتهري سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي، نواز شريف چيو آهي ته حڪومت جو ڪم ڪاروبار ناهي هوندو، جيڪڏهن سرڪار ڪاروبار ڪندي ته عوام جي امانت قومي ناڻي کي وڏو نقصان پهچندو.

پاڪستان جي دوري تي پهتل عالمي بينڪ جي صدر جيم زونگ ڪـِم، پي ايم هائوس ۾ وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران معيشت جي بهتري سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم نواز شريف عالمي بينڪ پاران پاڪستان جي ترقي ۾ سهڪار جي تعريف ڪندي چيو ته حڪومت معيشت جي هر شعبي ۾ بهتريءَ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي.

وزيراعظم چيو ته ريلوي ۽ رستن جي ذريعي بنيادي ڍانچي جي ترقي وارن منصوبن تي ڪم جاري آهي، جڏهن ته پاڻي سان بجلي پيدا ڪرڻ وارن منصوبن سان گڏ تعليم، صحت ۽ ٻين شعبن جي ترقي تي به ڌيان ڏنو پيو وڃي.

وزيراعظم وڌيڪ چيو ته حڪومت نجي شعبن واري ترقي تي ڪم ڪري رهي آهي، نجي شعبي کي بهتر ماحول فراهم ڪرڻ جو مقصد بنيادي ڍانچي جي ترقي آهي.

نواز شريف جو چوڻ هو ته حڪومت جو ڪم ڪاروبار ڪرڻ ناهي هوندو، سرڪار ڪاروبار ڪندي ته ان سان عوام جي امانت قومي ناڻي کي وڌيڪ ڌڪ رسندو.

ان موقعي تي عالمي بينڪ جي صدر چيو ته پاڪستان جو ڏيواليو نڪرڻ واري حالت مان نڪري اچڻ وڏي ڪاميابي آهي، پاڪستاني معيشت جي استحڪام لاءِ عالمي بينڪ هر ممڪن سهڪار ڪندي.

ان کان اڳ وزيراعظم نواز شريف سان پاڪستان ۾ مقرر برطانوي هاءِ ڪمشنر فلپ بارٽن الوداعي ملاقات ڪئي، جنهن دوران وزيراعظم فلپ بارٽن جي ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ بهتري لاءِ ڪردار کي ساراهيو………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*