اسپتالن جي نجڪاري نه پر سڌارا آڻي رهيا آهيون:عمران خان

imran-khan

تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان وزيراعظم جي صلاحڪار امير مقام تي پشاور ۾ ڊاڪٽرن کي ڀڙڪائڻ جا الزام هڻندي سندس خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، عمران خان چيو آهي ته اسپتالن جي نجڪاري نه پر سڌارا آڻي رهيا آهيون، حڪومت پي آءِ اي کي نجي ڪمپني حوالي ڪندي ته 300 ارب رپين جو قرض ڪير لاهيندو؟.

پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو ته خيبرپختونخواهه جي سرڪاري اسپتالن ۾ لازمي سروس ايڪٽ پشاور هاءِ ڪورٽ جي حڪم بعد لاڳو ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان وڏي وزير پرويز خٽڪ پرويز سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان به مشاورت ڪئي هئي ۽ اسيمبلي ۾ بحث به ڪرايو ويو هو.

هـُن چيو ته پي آءِ اي جي نجڪاري ۽ اسپتالن ۾ سڌرا آڻڻ ۾ فرق آهي، اسپتالن جو سسٽم بهتر ٿيندو ته مريضن لاءِ آسانيون ٿينديون ۽ کين بهتر علاج فراهم ٿيندو.

عمران خان چيو ته صحت کاتي جا 95 سيڪڙو ملازم لازمي ايڪٽ سروس واري معاملي تي ڪي پي ڪي حڪومت سان گڏ آهن پر ڪجهه ڊاڪٽرز پنهنجي ذاتي مفادن خاطر ان جي مخالفت ڪري رهيا آهن.

 تحريڪ انصاف جي سربراهه الزام هنيو ته ن ليگ اڳواڻ امير مقام ڊاڪٽرن کي ڀڙڪائي توهين عدالت ڪري رهيو آهي، سندس خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويندو.

هڪ سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته پي آءِ اي ملازمن جي احتجاج تي فائرنگ مذمت جوڳو عمل آهي، حڪومت قومي ايئرلائين جي نجڪاري کان اڳ پارليامينٽ ۾ بحث ڪرائي ۽ سمورن ڌرين کي اعتماد ۾ وٺي.

پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته حڪومت پي آءِ اي جي نجڪاري نه پر خريد ڪرڻ چاهي ٿي، جيڪڏهن قومي ايئرلائين کي نجي ڪمپني حوالي ڪيو ويو ته ان مٿان 300 ارب رپين جو قرض ڪير لاهيندو.

عمران خان وڌيڪ چيو ته پي آءِ اي جي مئنيجمينٽ ۾ نااهل ماڻهن کي ڀرتي ڪرڻ سبب ادارو تباهه جي ڪناري تي پهتو، جيڪڏهن ميرٽ تي ڀرتيون ڪيون وڃن ها ته پي آءِ اي جي اهڙي حالت نه هجي ها……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*