نوابشاهه ۾ نيب ٽيم آبپاشي داد ڊويزن جي آفيس تي ڇاپو هڻي رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو

nawabshah

نوابشاهه ۾ نيب ٽيم آبپاشي داد ڊويزن جي آفيس تي ڇاپو هڻي رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، انجنيئر آبپاشي داد ڊويزن اشفاق احمد ميمڻ موجب نيب ٽيم هڪ هفتي کان روهڙي ڪئنال تي هلندڙ ڪم جي جاچ ڪري رهي آهي، اڄ وڌيڪ رڪارڊ کڻي وئي آهي.

نيب سکر ريجن جي ٽيم آبپاشي داد ڊويزن نوابشاهه تي ڇاپو هڻي رڪارڊ جي ڇنڊڇاڻ ڪئي، جنهن بعد ڪجهه رڪارڊ تحويل ۾ ورتو ويو.

انجنيئر آبپاشي داد ڊويزن اشفاق احمد ميمڻ موجب نيب هڪ هفتي کان پائليٽ پروگرام تحت روهڙي ڪئنال تي ٿيل ترقياتي ڪم ۽ هلندڙ منصوبن جي جاچ ڪري رهي هئي، اڄ ان سلسلي ۾ ڪجهه گهربل ڪاغذ کڻي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*