حڪومت توانائي بحران جي حل لاءِ به ڪوششون ڪري رهي آهي،2018ع تائين بجلي پيداوار ٻــــيڻي ٿي ويندي: پرويز رشيد

parveez-rashid

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته نيشنل ايڪشن پلان تحت دهشتگردن خلاف آپريشن جاري آهي، حڪومت توانائي بحران جي حل لاءِ به ڪوششون ڪري رهي آهي،2018ع تائين بجلي پيداوار ٻــــيڻي ٿي ويندي.

ڪوهاٽ ۾ اجتماع کي خطاب ڪندي پرويز رشيد چيو ته نواز ليگ پاران حڪومت سنڀالڻ وقت قومي ادارن جو ڏيوالو نڪري چڪو هو، پر بهتر پاليسين سبب صورتحال تبديل ٿي وئي آهي.

هن چيو ته موجوده حڪومت بجلي بحران جي حل توڙي ملڪ کي ترقي وٺرائڻ جا ڪيترائي منصوبا شروع ڪري گذريل 60سالن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي.

پرويز رشيد چيو ته اهـــو نٿو چئي سگهجي ته 2018ع تائين بجلي بحران تي مڪمل طور ضابطو اچي ويندو، پر حڪومت ڪوشش ڪري رهي آهي ته بجلي جي پيداوار ٻيڻي ڪري عوام کي رليف ڏنو وڃي.

پرويز رشيد پي ٽي آءِ سربراهه تي تنقيد ڪندي چيو ته عمران خان پاڪ-چين اقتصادي راهداري منصوبي کي تڪراري بڻائڻ جي سازش ڪري رهيو آهي، جڏهن منصوبي جو روٽ تبديل ناهي ڪيو ويو.

امن امان بابت ڳالهائيندي پرويز رشيد چيو ته قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد تيز ڪيو ويوآ هي، جڏهن ته دهشتگردن خلاف آپريشن ڪاميابي سان جاري آهي.

هن چيو ته حڪومت جي مثبت قدمن سبب اڄ جو پاڪستان 2013 واري پاڪستان کان مختلف آهي، جنهن جو پاڪستاني قوم سميت سموري دنيا اعتراف ڪيو آهي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*