غوثپور ويجهو هٿياربند ڳوٺ تي حملو ڪري هڪ ڄڻي کي اغوا ڪري ويا

غوثپور ويجهو تيغاڻي ۽ اوڳاهي برادري وچ ۾ هلندڙ تڪرار تان هٿيار بند ڳوٺ تي حملو ڪري هڪ ڄڻي کي اغوا ڪري ويا آهن.

هٿياربند ڳوٺ فاضل اوڳاهي تي حملو ڪري نوجوان دين محمد اوڳاهي کي اغوا ڪري ويا.

ٻڌايو پيو وڃي ته اوڳاهي ۽ تيغاڻي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ مال جي چوري تان شروع ٿيل تڪرار تان واقعو پيش آيو آهي.

 ذريعن موجب اوڳاهي برادري جي هٿيار بندن ڪجهه ڏينهن اڳ تيغاڻي برادري جي نوجوان گل حسن تيغاڻي کي اغوا ڪيو هو، جنهن جي  پلاند ۾ نوجوان کي اغوا ڪيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*