ڪراچي : مقابلي دوران پوليس هڪ جوابدار کي مارڻ ۽ ٻئي کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

karachi-rangres

ڪراچي جي احسن آباد واري علائقي ۾ هڪ اسڪول ٻاهران فائرنگ ڪندڙ ٻن مبينا ڀتاخورن سان مقابلي دوران پوليس هڪ جوابدار کي مارڻ ۽ ٻئي کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ آهي.

احسن آباد پوليس جو چوڻ آهي ته هڪ نجي اسڪول تي فائرنگ ڪندڙ ٻن ڀتي خورن سان مقابلو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ هٿيار بند  ثناءُ الله افغاني مارجي ويو ۽ سندس هڪ ساٿي کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

 علائقي واسين جو چوڻ آهي ته هنن ٻنهي هٿياربندن کي سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪيو هو.

علائقي واسين جو وڌيڪ چوڻ هو ته هٿياربندن ڀتي لاءِ فائرنگ ڪري اسڪول بند ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*