پي آءِ اي جي جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي پنج رڪني وفد پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف سان ملاقات ڪري پنهنجا مطالبا پيش ڪري ڇڏيا

PIA-CAmmetti

پي آءِ اي جي جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي پنج رڪني وفد پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف سان ملاقات ڪري پنهنجا مطالبا پيش ڪري ڇڏيا آهن.

پي آءِ اي جي جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي چيئرمين ڪيپٽن سهيل بلوچ جي اڳواڻي ۾ وفد ماڊل ٽائون ۾ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف سان ملاقات ڪئي.

جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي وفد ۾ ناصر مهدي جنجوعا، ذاڪر نائيڪ، شاهد قريشي شامل آهن.

ذريعن موجب، ملاقات دوران جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي وفد شهباز شريف کي پنهنجي مطالبن کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.

شهباز شريف وفد کي خاطري ڪرائي آهي ته وزير اعظم نواز شريف جي ڏيهه اچڻ کانپوءِ کيس جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي مطالبن بابت آگاهه ڪيو ويندو……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*