نوابشاهه جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ايم پي اي وريام فقير خاصخيلي سميت 7 جوابدارن جي ضمانت ۾ ٽن هفتن جي واڌ ڪري ڇڏي

nawabshahcourt29-8

نوابشاهه جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت سانگهڙ ۾ مڪاني چونڊن دوران ريليءَ تي واري ڪيس ۾ ايم پي اي وريام فقير خاصخيلي، علي غلام نظاماڻي ۽ غلام دستگير راڄڙ سميت 7 جوابدارن جي ضمانت ۾ ٽن هفتن جي واڌ ڪري ڇڏي.

نوابشاهه جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ سانگهڙ ۾ مڪاني چونڊن دوران ريليءَ تي فائرنگ ۾ ٻن اهلڪارن سميت چئن ڄڻن جي مارجي وڃڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻيءَ دوران ايم پي اي وريام فقير خاصخيلي، اڳوڻو ايم پي اي علي غلام نظاماڻي، ڪاشف نظاماڻي، وقار احمد جت، اڳوڻو ايم اين غلام دستگير عرف نانو راڄڙ، دلبر نظاماڻي ۽ صدام حسين نظاماڻي پيش ٿيا.

عدالت جوابدارن جي ضمانت ۾ 3 مارچ تائين واڌ ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

لاڳاپيل خبرون

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*