عام چونڊن ۾ ٽيڪنالوجي جي استعمال بابت اليڪشن ڪميشن ۾ سيمينار

Election Commisioon

عام چونڊن ۾ ٽيڪنالوجي جي استعمال بابت اليڪشن ڪميشن ۾ سيمينار  منعقد ڪيو ويو آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس رٽائرڊ سردار رضا چيو آهي ته آئين صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي ۽ هـُو پنهنجي ذميوارين کان چڱيءَ ريت واقف آهن.

اسلام آباد ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ يـُو اين ڊِي پـِي جـَي گڏيل سهڪار سان عام چونڊن ۾ ٽيڪنالوجي جي استعمال بابت سيمينار جاري آهي، جنهن ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس رٽائرڊ سردار رضا، اليڪشن ڪميشن جا ميمبر، تحريڪ انصاف، پيپلزپارٽي ۽ ٻين سياسي پارٽين جا اڳواڻ به شريڪ آهن.

سيمينار کي خطاب ڪندي چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته اليڪشن ڪميشن جديد ٽيڪنالوجي جي ذريعي عام چونڊون ڪرائڻ جو خواهشمند آهي.

هن چيو ته اين اي 19 هري پور جي ٽيهه پولنگ اسٽيشن تي بائيو ميٽرڪ سسٽم تجربو ڪيو ويو، جڏهن ته پي بي 16 جي 60 پولنگ اسٽيشن جا نتيجا به موبائيل فون جي ذريعي تيار ڪيا ويا.

چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته اليڪشن ڪميشن چونڊ عمل ۾ جديد ٽيڪنالوجي جي متعارف ڪرائڻ تي يقين رکي ٿي، جنهن لاءِ سمارٽ فون ايپليڪيشن به تيار ڪئي وئي آهي.

جسٽس رٽائرڊ سردار رضا چيو ته سمنڊ پار پاڪستانين لاءِ ووٽنگ کي ووٽ جو حق ڏيڻ واري طريقيڪار لاءِ فزيبلٽي اسٽڊي پائپ لائين ۾ آهي، اليڪشن ڪميشن عوام جي اعتماد تي پورو لهندو ۽ جديد ٽيڪنالوجي جي استعمال کي اڳتي واڌيو ويندو…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*