خيبرپختونخواهه جي صوابي واري علائقي ۾ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مقابلي دوران اي ايس آءِ اي شهيد ۽ هڪ اهلڪار زخمي ٿي پيو

khyber-pakhtwa14

خيبرپختونخواهه جي صوابي واري علائقي ۾ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مقابلي دوران اي ايس آءِ اي شهيد ۽ هڪ اهلڪار زخمي ٿي پيو، جڏهن ته جوابي ڪارروائي ۾ هڪ اشتهاري به مارجي ويو.

مردان جي جلالا ٿاڻي جي حد ۾ پوليس ڏوهارين جي موجودگي واري اطلاع تي ڪارروائي ڪئي ته ڏوهاري فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ اي ايس آءِ سلطان شهيد ۽ ڪانسٽيبل محمد سهيل زخمي ٿي پيو.

پوليس جوابي ڪارروائي ۾ اشتهاري ڏوهاري سلمان مارجي ويو ۽ عمران نالي جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.

فائرنگ جي ڏي وٺ دوران شهيد اي ايس آءِ ۽ زخمي ڪانسٽيبل کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ڏوهاري ٽارگيٽ ڪلنگ سميت مختلف وارداتن ۾ ملوث هو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*