غير سرڪاري تنظيم ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ ڪنزيومر ڪورٽس قائم ڪرڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آئيني درخواست داخل

sindh-highi-court11-8

ڪراچي سميت سڄي سنڌ اندر ڪنزيومر ڪورٽس قائم ڪرڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آئيني درخواست داخل ڪرائي وئي آهي، جنهن ۾ چيف سيڪريٽري ۽ ڪراچي جي ڪمشنر کي ڌر بڻايو ويو آهي.

غير سرڪاري تنظيم طرفان داخل ڪرايل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سنڌ اسيمبلي 2014ع دوران ڪنزيومر پروٽيڪيشن بل پاس ڪيو هو، جنهن تحت واهپيدارن جي حقن جي تحفظ لاءِ سمورن ضلعن ۾ ڪنزيومر ڪسٽمر ڪورٽس قائم ٿيڻيون هيون، جيڪي 2 سال گذرڻ باوجود قائم نه ٿيون آهن.

درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته قانون مطابق کاڌي پيتي جي شين جي معيار، مقدار ۽ ذخيري بابت شڪايتن تي ڊپٽي ڪمشنر ڪارروائي ڪري سگهندا پر ڪورٽس قائم نه ٿيڻ سبب ڪنزيومر جي ڪابه داد رسي نه ٿي رهي آهي.

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ ٻين کي پابند بڻايو وڃي ته ڪنزيومر ڪورٽس قائم ڪري ڪسٽمرس کي رليف ڏنو وڃي.

لاڳاپيل خبرون

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*