پشاور سانحي جي شهيدن جي غائبانه جنازي نماز پڙهي وئي آرمي چيف به شرڪت ڪئي

پشاور سانحي جي شهيدن جي ڪور هيڊ ڪوارٽر پشاور ۾ غائبانه جنازي نماز پڙهي وئي، جنهن ۾ آرمي چيف، خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير، گورنر ۽ ٻين عسڪري توڙي سول عملدارن جي هڪ وڏي انگ شرڪت ڪئي.

پشاور سانحي جي غائبانه جنازي نماز ڪور هيڊ ڪوارٽر پشاور ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف، ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر، خيبر پختونخواهه جي گورنر سردار مهتاب عباسي، خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير پرويز خٽڪ ۽ ٻين عسڪري ۽ سول عملدارن جي هڪ وڏي انگ شرڪت ڪئي.

غائباني جنازي نماز کانپوءِ پشاور سانحي ۾ حياتيون وڃائيندڙن جي مغفرت لاءِ ڌڻي در دعائون گهريون ويون، ان موقعي تي پاڪستان زندهه باد جا نعرا هڻي دهشتگردي خلاف ويڙهه وارو عزم ورجايو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*