وزيراعظم نوازشريف قطر جي ٻن ڏينهن واري دوري تي دوحا پهچي ويو

Nawaz-sharif-visit-karachi-11-11

وزيراعظم نوازشريف قطر جي ٻن ڏينهن واري دوري تي دوحا پهچي ويو آهي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ ايل اين جي معاهدي تي صحيحون ڪيون وينديون.

وزيراعظم ميان نواز شريف ٻن ڏينهن جي دوري تي قطر ايئرپورٽ پهتو، جتي سندس استقبال ڪيو ويو.

ايئر چيف مارشل سهيل امان، پيٽروليم وارو وفاقي وزير شاهد خاقان عباسي، ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار ۽ وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ ساڻس وفد ۾ شامل آهن.

پرڏيهي کاتي پاران جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم جي دوري دوران ٻنهي ملڪن ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون به ٿينديون.

نواز شريف جون ، قطر جي امير ۽ وزريراعظم شيخ عبدالله بن نصر سان ڌار ڌار ملاقاتون شيڊيول آهن، جنهن دوران توانائي، واپار، دفاع سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي.

ٻنهي ملڪن وچ ۾ ريڊيو، ٽي وي، صحت ۽ واپار جي شعبن ۾ مفاهمت جي مختلف يادداشتن تي صحيحون پڻ ٿينديون………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*