سکر ويجهو 2 هفتا اڳ ڪتَي جو ڏاڙهيل نينگر سول اسپتال ۾ فوت

sukkur-map30-07

سکر ويجهو 2 هفتا اڳ ڪتَي جو ڏاڙهيل نينگر سول اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، وارثن موجب نينگر کي دورا پوڻ باوجود اسپتال انتظاميا کيس آئسوليشن تي رکڻ بدران انجيڪشن لڳائي فارغ ڪري ڇڏيو، ٻن هفتن تائين چڪر ڪاٽڻ بعد حالت بگڙي وڃڻ کانپوءِ کيس داخل ڪيو ويو.

اروڙ جي ڳوٺ دوداڻڪِي 2 هفتا اڳ ڇِتَي ڪتي جو ڏاڙهيل سَت ورهين جو نينگر نياز احمد ولد عيدن ٻرڙو سول اسپتال ۾ فوت ٿي ويو.

وارثن اسپتال انتظاميا تي الزام هنيو آهي ته ڪـُتَي جي ڏاڙهڻ کانپوءِ نينگر کي دورا پئجي رهيا هئا ته سول اسپتال آندو ويو، جتي ڊاڪٽرن کيس آئسوليشن تي رکڻ بدران انجيڪشن لڳائي واپس موڪلي ڇڏيو.

هنن چيو ته 15 ڏينهن تائين سول اسپتال سميت مختلف اسپتالن جا چڪر ڪاٽيا پر نينگر کي داخل نه ڪيو ويو، جنهن سبب گذريل ڏينهن حالت بگڙي وڃڻ ڪري سول اسپتال انتظاميا کيس داخل ڪيو، جيڪو اڄ فوت ٿي ويو.

هنن مطالبو ڪيو ته نينگر جي علاج ۾ لاپرواهي ڪندڙ ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائي ڪري کين انصاف فراهم ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*