ڄامشورو پوليس سانگهڙ ۾ هڪ گودام تي ڇاپو هڻي سپر هاءِ وي تان هڪ مهينو اڳ ڦر ٿيل صرف سان ڀريل ٽرالر هٿ

ghari-kharo-police

ڄامشورو پوليس سانگهڙ ۾ هڪ گودام تي ڇاپو هڻي سپر هاءِ وي تان هڪ مهينو اڳ ڦر ٿيل صرف سان ڀريل ٽرالر هٿ ڪري ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، ايس ايس پي ڄامشورو طارق ولايت موجب گرفتار جوابدار عمران ۽ جبران سپر هاءِ وي تان ڦر وارداتن ۾ ملوث آهن.

ايس ايس پي ڄامشورو طارق ولايت ڪوٽڙي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سانگهڙ ۾ ڪارروائي دوران ٻن جوابدارن عمران ۽ جبران کي گرفتار ڪيو ويو، جن جي نشاندهيءَ تي هڪ گودام تي ڇاپو هڻي سپر هاءِ وي تان ڦر ٿيل صَرف سان ڀريل ٽرالر هٿ ڪيو ويو.

هن چيو ته 12 ڏوهارين تي ٻڌل هڪ گروهه سپر هاءِ وي تان ڦر وارداتون ڪندو رهيو آهي، جن مان ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته باقي جوابدارن کي به جلد سوگهو ڪيو ويندو.

لاڳاپيل خبرون

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*