خيبرپختونخواهه احتساب ڪميشن جي ڊائريڪٽر جنرل حماد خان ترميمي آرڊيننس تي اعتراض واريندي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

hamad-khan

خيبرپختونخواهه احتساب ڪميشن جي ڊائريڪٽر جنرل حماد خان ترميمي آرڊيننس تي اعتراض واريندي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.

ذريعن موجب، خيبرپختونواهه حڪومت پاران احتساب ڪميشن جو قانون تبديل ڪري آرڊيننس جاري ڪرڻ تي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ حامد خان عهدي تان استعيفيٰ ڏني.

ذريعن جو چوڻ آهي ته احتساب ڪميشن جي ڊائريڪٽر جنرل حامد خان پنهنجي استعيفيٰ بابت پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان کي لکت ۾ آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.

احتساب ڪميشن جي ذريعن موجب، حماد خان ڪميشن جي عملي سان الوداعي ملاقات به ڪئي، جنهن دروان سندس چوڻ هو ته کيس احتساب ڪميشن جي قانون ۾ ترميم تي خدشا آهن، جيڪي سرڪار ختم ناهن ڪرايا………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*