ڪراچي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪارروائي ڪري ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو

karachi-rangres-21-11

ڪراچي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪارروائي ڪري ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، سڪيورٽي ذريعن موجب دهشتگرد اهم شخصيتن تي حملن جي رٿابندي ڪري رهيا هئا.

ذريعن موجب ڳجهي اطلاع تي منگهَي پير واري علائقي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو.

سڪيورٽي ذريعن موجب گرفتار دهشتگرد اهم شخصيتن تي حملن جي رٿابندي ڪري رهيا هئا، جن جي قبضي مان اهم ماڻهن جي نالن جي هڪ فهرست به هٿ ڪئي وئي آهي.

ذريعن موجب گرفتار ٻنهي دهشتگردن کي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*