ڊي آءِ جي سکر اظهر رشيد هفتو اڳ شهيد ٿي ويل پوليس اهلڪار گلشير ڊيهو جي وارثن کي 20 لک رپيا ۽ پٽ کي نوڪري ڏيڻ جو اعلان

diG-azahr

ڊي آءِ جي سکر اظهر رشيد هفتو اڳ شهيد ٿي ويل پوليس اهلڪار گلشير ڊيهو جي وارثن کي 20 لک رپيا ۽ پٽ کي نوڪري ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته سندس قتل ۾ ملوث جوابدار گذريل رات مقابلي دوران مارجي ويا آهن.

ڊي آءِ جي اظهر رشيد ڳوٺ پراڻي ٻــُڍ پهچي هڪ هفتو اڳ سکر ۾ ڏوهارين سان مقابلي دوران شهيد ٿي ويل اهلڪار گلشير ڊيهو جي وارثن سان تعزيت ڪئي.

ڊي آءِ جي سکر بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شهيد اهلڪار جا قاتل گذريل رات مقابلي دوران مارجي ويا آهن، جلد سندس وارثن جي مالي سهائتا ڪئي ويندي.

هن چيو ته شهيد اهلڪار جي وارثن کي 20 لک رپيا ۽ پٽ کي نوڪري ڏني ويندي، جڏهن ته ضلعي اندر امن امان بحال ڪرايو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*