پنجاب ۾ داعش جو نيٽ ورڪ پڪڙيو ويو آهي، ڪراچي ۾ آپريشن کانپوءِ شهر جون حالتون بهتر ٿيون آهن:آفتاب سلطان

senate-pakistan-11-8

انٽيليجنس بيورو جي سربراهه آفتاب سلطان سينيٽ ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي چيو آهي ته پنجاب ۾ داعش جو نيٽ ورڪ پڪڙيو ويو آهي، ڪراچي ۾ آپريشن کانپوءِ شهر جون حالتون بهتر ٿيون آهن، آپريشن جو دائرو رڳو ڪراچي تائين آهي، سنڌ جي ٻين علائقن ۾ آپريشن نه ٿي رهيو آهي، قومي ايڪشن پلان تحت ڪارروايون ٿي رهيون آهن پر صوبن کي وڌيڪ اثرائتو ڪم ڪرڻو پوندو.

 اسلام آباد ۾ رحمان ملڪ جي صدارت هيٺ سينيٽ جي گهرو معاملن بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڊي جي آءِ بي آفتاب سلطان بريفنگ ڏني.

ڊي جي آءِ بي چيو ته سڄي ملڪ ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ گهٽتائي آئي آهي، 2015 ۾ دهشتگردي جا هڪ سئو 41 واقعا ٿيا.

هـُن چيو ته ڪراچي ۾ ٻن سالن دوران 27 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 11 سئو 21 ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو، ڪراچي آپريشن کانپوءِ شهر جون حالتون بهتر ٿيون آهن، دهشتگردي ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جون وارداتون ختم ٿي ويون آهن.

هـُن چيو ته خيبرپختونخواهه مان 581 دهشتگردن کي پڪڙيو ويو ۽ 17 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته 581 دهشتگرد حملن جا به اطلاع هئا.

ڊي جي آءِ بي چيو ته بشير بلور، چوڌري اسلم، جسٽس مقبول باقر ۽ خالد محمود سومري تي حملن ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

آفتاب سلطان چيو ته قومي ايڪشن پلان تحت پوليس کي مضبوط ڪيو ويو آهي پر صوبن کي وڌيڪ اثرائتو ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

ڊي جي آءِ بي جو چوڻ هو ته پنجاب حڪومت بندش پيل تنظيمن جي مالي معاونت ختم ڪرڻ تي عمل ڪرايو آهي ۽ ڪجهه ماڻهن کي گرفتار به ڪيو ويو آهي.

 ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي ڊي جي آءِ بي اهو به ٻڌايو ته انٽيليجنس بيورو جي اطلاع تي ئي ملڪ ۾ داعش جو نيٽ ورڪ پڪڙيو ويو،   واهگا بارڊر آپگهاتي حملي ۾ 9 ڄڻا ملوث هئا، جن مان 6 کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

 باچا خان يونيورسٽي تي حملي بابت ٻڌائيندي ڊي جي آءِ بي چيو ته يونيورسٽي تي حملي بابت اطلاع نه هئا پر اها ڄاڻ ملي هئي ته هڪ تعليمي اداري تي حملو ٿي سگهي ٿو.

اجلاس کي بريفنگ ڏيندي گهرو کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري چيو ته نيڪٽا کي فعال ڪري فنڊ جاري ڪيا آهن، جلد وزيراعظم نواز شريف ان حوالي سان اجلاس گهرائيندو……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*