پاڪستان ۽ قطر وچ ۾ ايل اين جي معاهدي تي صحيحون ٿي ويون، دفاع، تعليم، صحت ۽ ثقافت جي شعبن ۾ معاهدن تي صحيحون

pm

پاڪستان ۽ قطر، ايل اين جي گهرائڻ ۽ دفاع، تعليم، صحت ۽ ثقافت ۾ سهڪار وڌائڻ وارن مختلف معاهدن تي صحيحون ڪيون آهن، وزير اعظم نواز شريف چيو ته دنيا پاڪستان کي سيڙپڪاري لاءِ بهتر ملڪ قرار ڏئي چڪي آهي.

وزير اعظم نواز شريف قطر جي ٻن ڏينهن جي دوري تي دوحا پهتو ته شاهي محل ۾ نواز شريف جي مان ۾ آجياڻي سان گڏ کيس گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويو.

قطر جي ٻن ڏينهن جي دوري تي دوحا پهتل وزير اعظم نواز شريف شاهي محل ۾ قطر جي امير تـَمِيم بن حـَمد بن خليفه الثاني سان ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران ٻه طرفن لاڳاپن سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

قطر پاڪستان ۽ قطر وچ ۾ ايل اين، دفاع، تعليم، صحت ۽ ثقافت جي شعبن ۾ معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون.

معاهدي تحت پاڪستان قخطر مان 15 بلين جي ايل اين جي درآمد ڪندو، جڏهن ته دفاع، تعليم، صحت ۽ ثقافت جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جا معاهدا ڪيا ويا آهن.

ان موقعي تي وزير اعظم نواز شريف چيو ته پاڪستان سيڙپڪاري لاءِ بهترين ملڪ آهي، جڏهن ته قطر پاران ايل اين جي معاهدي تي صحيحون ڪرڻ سٺو سنوڻ آهي.

هن چيو ته حڪومت جي بهتر پاليسين سبب پاڪستان جي معيشت سڌرندڙ نظر اچي رهي آهي، جڏهن ته دنيا به ان ڳالهه جو اعتراف ڪري چڪي آهي.

قطر جي امير تـَمِيم بن حـَمد بن خليفه الثاني چيو ته قطر جي عوام جو ٻيو گهر پاڪستان آهي، جڏهن ته اسلام آباد سان مختلف شعبن ۾ سهڪار جاري رکي ويندي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*