پي آءِ اي جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي وفد ۽ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف وچ ۾ ڳالهين جو پهريون دور مڪمل

پي آءِ اي جي جوائنٽ اPiaيڪشن ڪميٽي جي وفد ۽ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف وچ ۾ ڳالهين جو پهريون مرحلو مڪمل ٿي ويو آهي، شهباز شريف چيو آهي ته ايڪشن ڪميٽي سان ٿيل ڳالهين جا تفصيل وزير اعظم تائين پهچايا ويندا، سهيل بلوچ جو چوڻ آهي ته هنن پنهنجو موقف پيش ڪري ڇڏيو آهي، اميد ته مسئلا حل ٿي ويندا.

پي آءِ اي جي جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي چيئرمين ڪيپٽن سهيل بلوچ جي اڳواڻي ۾ وفد ماڊل ٽائون ۾ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف سان ملاقات ڪئي.

جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي وفد ۾ ناصر مهدي جنجوعا، ذاڪر نائيڪ، شاهد قريشي شامل هئا.

جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي وفد ڳالهين دوران شهباز شريف کي پنهنجي مطالبن کان آگاهه ڪري ڇڏيو.

ڳالهين جو پهريون دور ختم ٿيڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته حڪومت پي آءِ اي ملازمن کي نوڪرين جي تحفظ ۽ قومي ايئرلائين جي بهتري لاءِ جوڳا قدم کڻندي.

شهباز شريف چيو پي آءِ اي جي جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي سان ٿيل ڳالهين جا تفصيل وزير اعظم تائين پهچايا ويندا.

جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي چيئرمين سهيل بلوچ چيو ته هــــو مطمئن ٿي واپس وڃي رهيا آهن، حڪومت کي پي آءِ اي ملازمن جي نوڪرين جي تحفظ ۽ قومي ايئرلائين جي بهتري لاءِ تجويزون ڏنيون آهن…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*