عمران خان ڪراچي ۾ وڃي پي آءِ اي جي ملازمن کي ڀڙڪايو، مان به پشاور وڃي ڊاڪٽرز کي ڀڙڪائي سگهان ٿو :پرويز رشيد

parvez-rashid

سُـــڌ سماءَ واري وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته عمران خان ڪراچي ۾ وڃي پي آءِ اي جي ملازمن کي ڀڙڪايو، هــــُو به پشاور وڃي ڊاڪٽرز کي ڀڙڪائي سگهي ٿو پر ائين نه ڪندو.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرويز رشيد چيو ته ڪي پي ڪي جي چونڊيل سرڪار کي مينڊيٽ حاصل آهي، اسپتالن ۾ سڌارا آڻڻ سندن حق آهي، سڌارن  واري عمل ۾ رنڊڪ نه بڻبو.

هن چيو ته سفارشي ڪلچر سبب قومي ادارا تباهه ٿي رهيا آهن، جڏهن ته هاڻ سرڪاري کاتن ۾ سفارش تي ڀرتين واري عمل کي ختم ڪرڻو پوندو.

پرويز رشيد چيو ته ميئر جي چونڊ روڪرائڻ تحريڪ انصاف جي بدديانتي آهي، عمران خان رڳو پاڪستان کي نقصان پهچائڻ ۾ رڌل آهي.

پرويز رشيد وڌيڪ چيو ته عمران خان ڪراچي ۾ وڃي پي آءِ اي جي ملازمن کي ڀڙڪايو، هــــُو به پشاور وڃي ڊاڪٽرز کي ڀڙڪائي سگهي ٿو پر ائين نه ڪندو………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*