ڪراچي جي علائقي ناگن چورنگي ۾ پائيپ لائين جي کوٽائي دوران مٽيءَ جي ڇپ ڪرڻ سبب 3 پورهيت دٻجي فوت ٿي ويا

karachi-korngi

ڪراچي جي علائقي ناگن چورنگي ۾ پائيپ لائين وڇائڻ دوران ڀڪ ڪرڻ جي نتيجي ۾ 2 پورهيت دٻجي فوت ٿي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو.

پوليس موجب ناگن چورنگي ۾ 3 پورهيت 48 انچ پائيپ لڳائين لڳائي رهياهئا ته ڀڪ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 2 پورهيت دٻجي فوت ٿي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو.

واقعي جي اطلاع تي امدادي ٽيمن پهچي فوتي پورهيتن ذيشان ۽ عظيم جا لاش ملبي هيٺان ڪڍيا ، جڏهن ته زخمي پورهيت کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته شروجاتي جاچ موجب واقعو ڀڪ ڪرڻ سبب پيش آيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*