قلم ۽ دهشتگردي جا ايڪٽ مختلف شيون آهن، دهشتگردي وارن قلم ۾ راضي نامي جي بنياد تي جوابدارن کي بري نٿو ڪري سگهجي: سپريم ڪورٽ

Supreme Issue

 سپريم ڪورٽ، جوابدارن جي راضي نامي جي بنياد تي بريت واري ڪيس ۾ ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته قلم ۽ دهشتگردي جا ايڪٽ مختلف شيون آهن، دهشتگردي وارن قلم ۾ راضي نامي جي بنياد تي جوابدارن کي بري نٿو ڪري سگهجي.

چيف جسٽس، جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني لارجر بينچ دهشتگردي جي قلم ۾ صلح جي بنياد تي جوابدارن جي بريت بابت پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي ڪئي.

چيف جسٽس، جسٽس انور ظهير  ريمارڪس ڏنا ته دهشتگردي جي قلم وارن ڪيسن ۾ جوابدارن جو راضي نامو تسليم ڪيو ويو ته ڌرتيءَ تي فساد پکڙجي سگهن ٿا.

جسٽس منظور ملڪ ريمارڪس ۾ چيو ته قتل جا قلم 302 ۽ اينٽي ٽيررزم ايڪٽ ڌار ڌار شيون آهن.

جسٽس منظور ملڪ ريمارڪس ڏنا ته قلم 302 وارن ڪيسن ۾ راضي نامو ٿي سگهي ٿو پر اينٽي ٽيررزم ايڪٽ تحت صلح کي تسليم نٿو ڪري سگهجي.

جسٽس ثاقب نثار ريمارڪس ۾ چيو ته عدالت کي اهو ڏسڻو آهي ته قلم 302 ۽ دهشتگردي ايڪٽ تحت ڇا ڪري سگهجي ٿو ۽ قانون موجب ڇا ملي سگهي ٿو.

بعد ۾ عدالت، ڪيس جي ٻڌڻي مارچ جي پهرين هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*