گڊو ٿرمل پاور اسٽيشن ۾ 4 يونٽ ٽرپ ٿي ويا سنڌ ۽ پنجاب جي مختلف علائقن کي بجلي فراهمي معطل

گڊو ٿرمل پاور اسٽيشن ۾ 4 يونٽ ٽرپ ٿيڻ ڪري سنڌ، پبجاب ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن کي بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي.

گڊو ٿرمل پاور اسٽيشن ۾ 11 يونٽ فني خرابي سبب اڳ ئي بند هئا، اڄ وڌيڪ 4 يونٽ ٽرپ ٿيڻ ڪري 22 سئو 7 ميگاواٽ بجلي جي پيدوار گهٽجي وئي.

هن وقت پاور اسٽيشن ۾ رڳو هڪ يونٽ هلندڙ آهي، جيڪو صرف 200 ميگاواٽ بجلي فراهم ڪري رهيو آهي.

پاور اسٽيشن جا 15 يونٽ بند هئڻ ڪري سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن کي بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي.

انتظاميه جو چوڻ آهي ته تڌ سبب 4 يونٽ ٽرپ ٿيا آهن، جن جي بحالي لاءِ تيزي سان ڪم هلندڙ آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*