راولپنڊي ۽ گوجرانوالا ۾ ايف آءِ آي ڪارروايون ڪري ٻن انساني اسمگلرن کي گرفتار ڪري ورتو

FIA

راولپنڊي ۽ گوجرانوالا ۾ ايف آءِ آي ڪارروايون ڪري ٻن انساني اسمگلرن کي گرفتار ڪري ورتو، ايف آءِ اي موجب راولپنڊي مان گرفتار جوابدار جي قبضي مان 12 پاسپورٽ به هٿ ڪيا ويا آهن.

ايف آءِ اي اسلام آباد زون جي ٽيم راولپنڊي جي علائقي لال ڪرتِي ۾ ڪارروائي ڪري شعيب نالي هڪ انساني اسمگلر کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

ايف آءِ اي ذريعن موجب گرفتار جوابدار جو تعلق سيالڪوٽ سان آهي، جيڪو ماڻهن کي ڪوڙا ڏٽا ڏئي اسمگل ڪندو هو.

ايف آءِ اَي اختيارين موجب جوابدار شعيب جي قبضي مان 12 پاسپورٽ به هٿ ڪيا ويا آهن، کانئس وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

ٻئي طرف ايف آءِ اَي گوجرانوالا ۾ پڻ ڪارروائي ڪري ظفر نالي هڪ انساني اسمگلر کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*